اوسر رسالو

اوسر رسالو

اوسر رسالو

اوسر (رسالو): سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽماهي ’اوسر‘ جو پهريون شمارو سيپٽمبر 1995ع ۾ پڌرو ٿيو، هيءُ نج ادبي رسالو هو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ’مُهن جو دڙو پبليڪيشن‘ حيدرآباد پاران جاري ڪيو. هن جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، سب ايڊيٽر سليم چنا ۽ ٻانهن ٻيلي ادل سومرو هئا.
هي پنهنجي وقت جو سٺو رسالو هو ۽ هن ۾ بهترين سلسلا شروع ڪيا ويا هئا، مثلاً: مضمون، مختصر ڪهاڻيون (اصلوڪيون)، درويشن جون ڳالهيون، پرهنڌيون (پرڏيھي) ڪهاڻيون، تنقيد، لسانيات، شعر و شاعري، پرهنڌي (پرڏيھي) شاعري وغيره. موضوع جي لحاظ کان هن ۾ انفراديت آهي. هن ادبي پرچي جا ڪجھه شمارا پڌرا ٿيا ۽ پوءِ 1997ع ۾ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو